صبح سنڌ

صبح سنڌ : هي روزاني اخبار 1934ع ۾ پير علي محمد شاهه راشدي، ڪراچيءَ مان جاري ڪئي، جيڪا 1938ع تائين جاري ٿيندي رهي. هيءَ اخبار ‘سنڌ اتحاد پارٽيءَ’ جي ترجمان هئي. جنهن ۾ پارٽيءَ جي سرگرمين ۽ ملڪي حالتن بابت تجزيا ۽ وطن جي آزاديءَ واري تحريڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مضمون شايع ٿيندا هئا. عام ماڻهن ۾ شعور ۽ سجاڳي آڻڻ لاءِ پرچار ڪندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو